لنڊن – 27 – سيپٽمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي سان برطانوي پارليامينٽ جي هائوس آف ڪامنز جي پرڏيهي معاملن ۽ دفاعي ڪميٽين جي سربراهن لنڊن ۾ ملاقات ڪئي. وفد جي سربراهي هائوس آف ڪامنز پرڏيهي معاملن بابت سليڪٽ ڪميٽي جو سربراهه ٽام ٽگن ڊاٽ ۽ ڊفينس ڪميٽي جو سربراهه ٽوبياس ايلووڊ ڪري رهيا هئا. پرڏيهي وزير برطانوي پارليامينٽرينز کي افغانستان جي اڀرندڙ صورتحال بابت پاڪستان جي موقف کان آگاهه ڪيو ۽ چيو ته افغانستان جي حوالي سان پاڪستان ۽ برطانيا جي سوچ ۾ هم آهنگي آهي، ٻئي ملڪ افغانستان ۾ امن قائم ڪرڻ چاهين ٿا. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته افغانستان کي اڪيلو نه ڇڏيو وڃي ۽ عالمي برادري کي افغانين کي انساني بحران کان بچائڻ جي لاءِ اڳتي وڌڻ گهرجي. هن چيو ته افغانستان ۾ عدم استحڪام سان افغان پناهگيرن جي يلغار سميت ڪيترائي مسئلا ڪَر کڻندا. پرڏيهي وزير برطانوي پارليامينٽرينز کي ڀارتي قابض فوج پاران والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ جاري ظلمن، بدترين گهيراءُ ۽ انساني حقن جي سنگين خلاف ورزين کان پڻ آگاهه ڪيو ۽ چيو ته اسان ڀارتي قابض فوج جي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ جاري ظلمن تي 131 صفحن تي ٻڌل ڊوزيئر جاري ڪيو آهي جنهن ۾ ڀارتي آفيسرن جي جنگي ڏوهن ۾ ملوث هجڻ جا ناقابل ترديد ثبوت موجود آهن، اسان آٺوس ثبوت دنيا آڏو رکي ڇڏيا آهن ته جيئن اها پاڻ انهن حقيقتن جي ڇنڊڇاڻ ڪري سگهي. ٻطرفن لاڳاپن تي روشني وجهندي پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان ۽ برطانيا ويجها دوست ۽ پراڻا حصيدار آهن. هاڻي وقت اچي ويو آهي ته پاڪ برطانيا اسٽريٽجڪ حصيداري کي اڳتي وڌايو وڃي ۽ لاڳاپن کي اڳئين درجي تائين وڌايو وڃي. پرڏيهي وزير پاڪستان ۽ برطانيا جي وچ ۾ گڏيل لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ۽ فعال بڻائڻ ۽ اقتصادي لاڳاپن کي سگهه ڏيڻ جي لاءِ برطانيا ۾ رهندڙ 16 لک پاڪستاني ڄائي برطانوي شهرين جي خدمتن کي بهتر طور تي استعمال ۾ آڻڻ جي ضرورت تي زور ڏنو.
متعلقہ مضامین
-
ملٹی پلائر کے ساتھ سلاٹس کا جدید تجربہ
-
جادو سلاٹ کھیل کی دلچسپ دنیا
-
اعلی RTP سلاٹ گیمز: کیوں اور کون سی گیمز بہترین ہیں؟
-
مصری گاڈ سلاٹ گیمز کی دلچسپ دنیا
-
مصری گاڈ سلاٹ گیمز قدیم تہذیب اور جدید تفریط کا ملاپ
-
جیک پاٹ انعامات اور اردو سلاٹ گیمز کا شاندار امتزاج: ایک مکمل گائیڈ
-
پاکستانی کھلاڑیوں کے لیے آن لائن سلاٹ ٹورنامنٹ: ایک نئی جہت
-
بونس راؤنڈ کے ساتھ سلاٹ مشین کی دلچسپ دنیا
-
اعلی ادائیگی سلاٹس آن لائن کے ذریعے کامیابی کے مواقع
-
اوپر مفت سلاٹ گیمز کی دنیا
-
3 ریل سلاٹس: آن لائن کھیلوں کی دنیا میں دلچسپ اور مواقع
-
مفت گھماؤ کے ساتھ سلاٹ مشین ایپس کا بہترین انتخاب