اسلام آباد-14 نومبر (اي پي پي) سينيٽ جي پرڏيهي معاملن بابت اسٽينڊنگ ڪميٽيءَ جي چيئرمين سينيٽر عرفان صديقي جي ميزبانيءَ هيٺ ??اڪ??تاني قانونسازن ۽ اسپين جي سينيٽ معاملن جي ڪميٽي جي اعليٰ سطحي وفد وچ ۾ خيالن جي ڏي وٺ ٿي. ملاقات ۾ ??اڪ??تان ۽ اسپين وچ ۾ سفارتي ناتن کي مضبوط بنائڻ ۽ قدرتي آفتن کي مُنهن ڏيڻ، موسمياتي تبديلي، دهشتگردي جي خاتمي ۽ معاشي ترقي سميت ڪيترن ئي عالمي چئلينجز تي تعاون جي گڏيل عزم کي اجاگر ڪيو ويو. سينيٽ سيڪريٽريٽ طرفان جاري بيان موجب سينيٽر عرفان صديقي ٻنهي ملڪن وچ ۾ پُراڻن ۽ خوشگوار سفارتي لاڳاپن جو اعتراف ڪندي ??اڪ??تان ۾ اسپين جي سفير سميت هسپان??ي پارلياماني وفد جو شاندار استقبال ڪيو. هن اسپين ۾ هاڻوڪي تباهي آڻيندڙ ٻوڏ جي روشني هسپانوي عوام سان گهري يڪجهتيءَ ج?? اظهار ڪندي اهڙيءَ طرح جي قدرتي آفتن سان ??اڪ??تان پنهنجي تجربن جو ذڪر ڪيو. سينيٽر عرفان صديقي ٻنهي ملڪن وچ ۾ پارلياماني تعاون وڌائڻ جي تجويز پيش ڪئي جنهن ۾ قدرتي آفتن خلاف تياري، امدادي انتظام ۽ بحالي جي ڪوششن تي خاص تو??هه ڏني ويندي. هن چيو ته اسان هن مشڪل وقت ۾ هسپانوي عوام سان يڪجهتيءَ طور گڏ بيٺل آهيون. اسان هن قدرتي آفتن کي مُنهن ڏيڻ جي حڪمت عمليءَ تي تعاون ڪرڻ چاهيون ٿا. اجلاس ۾ پرڏيهي پاليسي ج?? جوڙجڪ ۽ عالمي امن ۽ سلامتي کي هٿي ڏيڻ ۾ پارلياماني سفارتڪاري جي اهميت تي به زور ڀريو. هن اسپين سان لاڳاپن کي مضبوط بنائڻ جي ??اڪ??تان جي عزم کي ورجايو، خاص طور تي گڏيل قومن جهڙي گهڻ رُخي فورم ۾ گڏيل ڪوششن ذريعي، جتي ٻيئي ملڪ جٽادار ترقي، انساني حقن ۽ تڪرارن جي حل سميت گڏيل مقصدن جي وڪالت ڪن ٿا. هن چيو ته بهتر تعاون ذريعي اسان موسمياتي تبديلي، دهشتگردي ۽ معاشي عدم استحڪام جهڙن اهم عالمي چئلينجز کي مُنهن ڏئي سگهون ٿا ۽ وڌيڪ محفوظ ۽ خوشحال دنيا لاءِ گڏجي ڪم ڪري سگهون ٿا. ملاقات ۾ ??اڪ??تان ۽ اسپين وچ ۾ اقتصادي تعاون کي هٿي ڏيڻ جي موقعن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. هن انساني امداد ۽ ترقياتي منصوبن ۾ گڏيل ڪوششن سان گڏوگڏ واپار، سيڙپڪاري ۽ جٽادار ترقي جي قدمن ۾ واڌ جي امڪانن تي روشني وڌي. هن ٽيڪنالاجي، تجديد جوڳي تو??نائي ۽ صحت جهڙن عام شعبن ۾ گڏيل پارلياماني ڪميٽين ۽ تحقيقي تعاون جي قيام جي به تجويز ڏني. ملاقات ۾ اسپين ۾ موجود ??اڪ??تانين جي ساراهه جوڳين خدمتن تي به روشني وڌي وئي ۽ ٻه طرفي لاڳاپن کي مضبوط بنائڻ ۾ عوامي رابطن جي ڪردار تي زور ڀريو ويو. ٻنهي ڌُرين تعليمي ۽ ڄاڻ جي مٽاسٽا جي پروگرامن کي هٿي ڏيڻ جي ضرورت تي اتفاق ڪيو ته جيئن ان ڳالهه کي يقيني بڻائي سگهجي ته ??اڪ??تانين ۽ـ هسپانو?? جون ايندڙ نسلون گڏيل عالمي چئلينجز کي مُنهن ڏيڻ لاءِ گڏجي ڪم ڪري سگهن. سينيٽر عرفان صديقي گهري تعاون ۽ گڏيل احترام جي مستقبل جي اميد ج?? اظهار ڪندي ان ڳالهه تي زور ڀريو ته ٻنهي ملڪن کي اُڀرندڙ عالمي مسئلن ج?? جواب ۾ پنهنجي پرڏيهي پاليسين کي هم آهنگ ڪرڻ لاءِ باقاعدگيءَ سان سفارتي مشاورت جاري رکڻ گهرجي. هن چيو ته مون کي يقين آهي ته اسان پارلياماني تعاون اسان جي سفارتي ۽ معاشي ناتن کي مضبوط بنائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو ۽ مان هڪ خوشحال ۽ تعاون تي ٻَڌل مستقبل جو منتظر آهيان. اجلاس ۾ اوپن ڊائلاگ ۽ عالمي امن، سلامتي ۽ پائيدار ترقيءَ کي اڳتي وڌائڻ جي گڏيل عزم ج?? اظهار ڪيو ويو. ان موقعي تي سينيٽر راڻا محمود الحسن، سيد علي ظفر، روبينه قائمخاني، محمد عبدالقادر ۽ سينيٽر لياقت خان ترڪئي ۽ـ سينيٽ سيڪريٽريٽ جا سينيئر آفيسر به موجود هئا. ملاقات کان پوءِ مانجهاند?? جو اهتمام به ڪيو ويو.
متعلقہ مضامین
-
Lucky God Official Entertainment App - تفریح کا نیا انقلاب
-
Zardari reiterates support for armed forces
-
Passing out parade of FC troops held
-
Relief work starts in flood-hit areas of Chitral
-
PML leaders say services of federal minister will always be remembered
-
Parliamentary panel on CPEC to meet in Gilgit on Tuesday
-
50 plants sealed over impure supply of drinking water
-
Green Pepper Entertainment کی آفیشل ویب سائٹ
-
Baccarat ایماندار بیٹنگ اے پی پی کے ذریعے محفوظ اور شفاف کھیل
-
لکی کاؤ ٹرسٹڈ انٹرٹینمنٹ ویب سائٹ کا مکمل تعارف
-
خوش قسمت خرگوش بیٹنگ سائٹ کی کامیابی کی کہانی
-
ٹکیگوٹی انٹیگریٹی بیٹنگ پلیٹ فارم: ایک جدید ترین ٹیکنالوجی کا تجزیہ