اسلام آباد – 12 – مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي صوفين ۽ اوليائن جي تعليم جي پيروي تي زور ڏيندي چيو آهي ته صوفين ۽ اوليائين سدائين انسانيت جي ترغيب ڏني آهي ۽ انهن پنهنجي تعليم سان مسلمانن ۾ محبت، ڀائيچاري، گڏيل احترام ۽ اتفاق ۽ اتحاد جو پرچار ڪيو. ص??ر اها ڳالهه ??ضر?? عبدالقادر شاهه جيلاني بغداد جي سجاده نشين شيخ سيد خالد عبدالقادر منصورالجيلاني سان گڏ ايندڙ وفد سان ملاقات ۾ ڳالهائيندي چئي. مذهبي معاملن وارو وفاقي وزير پير نورالحق قادري، پاڪستان ۾ عراق جو سفير حامد عباس لفتاح ۽ سينيئر حڪومتي آفيسر پڻ موجود هئا. صدر چيو ته اسان سڀني کي اوليائن ?? صوفين جي تعليم تي عمل پيرا ٿيڻ جي ضرورت آهي، اوليائن ?? صوفين انسانيت، مسلمانن ۾ محبت، ڀائيچاري، گڏيل احترام ۽ اتحاد کي فروغ ڏنو. صدر چيو ته صوفين اسلامي قدرن جي تعليم جي ذريعي معاشري جي اصلاح لاءِ نمايان خدمتون سرانجام ڏنيون ۽ اسلام جي پيغام کي پوري دنيا خاص طور تي وچ ۽ ڏکڻ ايشيا ۾ پکيڙيو. صدر چيو ته ??ضر?? عبدالقادر شاهه جيلاني سڄي زندگي اخلاقي قدرن کي برقرار رکيو ۽ اسلامي تاريخ جي مشڪل وقت ۾ قرآن ۽ سنت جي روشني ۾ معاشري جي اصلاح ڪئي. صدر چيو ته حڪومت ۽ مختلف مڪتبه فڪر جا اڳواڻ ملڪ ۾ مذهبي ڀائيچاري، گڏيل احترام ۽ بين المذاهب ه?? آهنگي جي فروغ لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهن. اسلامو فوبيا جو ذڪر ڪندي صدر چيو ته اسلامو فوبيا جي چئلينج تي موثر طريقي سان ضابطو آڻڻ جي لاءِ مسلمان ملڪن جي وچ ۾ اتحاد کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت آهي. صدر سجاده نشين ??ضر?? عبدالقادر شاهه جيلاني پاران ڪيل فلاحي ڪمن کي ساراهيو. بعد ۾ صدر وفد جي مان ۾ آجياڻي جي ميزباني پڻ ڪئي. شيخ سيد خالد عبدالقادر منصورالجيلاني ميزباني ۽ شاندار استقبال تي صدر جا ٿورا مڃيا. هن صدر کي بغداد جي دوري جي دعوت پڻ ڏني.
متعلقہ مضامین
-
جنگل فن تفریحی سرکاری ویب سائٹ پر خوش آمدید
-
سمرفز تفریحی ویب سائٹ
-
ڈیٹا بیس آن لائن ایماندار بیٹنگ پلیٹ فارم
-
Highly processed carbohydrates impact cancer risk
-
Seven cops on polio duty gunned down in Karachi
-
Railways facing Rs152m burden owing to concessional fare
-
Chinese delegates visit Gwadar
-
Minorities demand immediate amendments in family laws
-
Seminar on CPEC benefits held at Shah Latif Girls Govt College
-
ایس بی او اسپورٹس اینٹرٹینمنٹ آفیشل پلیٹ فارم
-
Saba Sports Official Game Website
-
PS Electronics آفیشل ڈاؤن لوڈ پورٹل