اسلام آباد – 06 فيبروري (اي ??ي پي) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته وزيراعظم جو ??ين جو دورو اسان جي اميدن کان به وڌيڪ ڪامياب رهيو، سرمائي اولمپڪس تقريب ۾ مختصر پاڪستاني دستي جو چيني عوام جهڙي طرح استقبال ڪيو ان جو مثال نه ٿو ملي، ??ين ۽ پاڪستان هڪ ٻئي سان گڏ بيٺل هئا ۽ بيٺل رهندا، والاريل ڪشمير جي حوالي سان ??ين ۽ پاڪستان جي سوچ ۾ هڪ جهڙائي آهي، مارچ جي آخري هفتي ۾ ??ين جو دورو ڪندس، بيجنگ ۾ افغانستان جي سمورن پاڙيسري ملڪن جو اهم اجلاس ٿيندو. وزيراعظم عمران خان جي ??ين جي دوري جي حوالي سان وفاقي وزيرن سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي پرڏيهي وزير چيو ته وزيراعظم عمران خان جي ??ين جي صدر شي جن پنگ سان تفصيلي ملاقات ٿي، جڏهن ته ملاقات ۾ گڏيل لاڳاپن ۽ سي پيڪ ??نص??بن تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿي. هن چيو ته صدر شي جن پنگ سان ايتري ٺوس ۽ تفصيلي ملاقات اڳ ۾ ناهي ٿي. وزيراعظم عمران خان جون ناليوارين چيني ڪمپ??ين سان 18 کان 20 ملاقاتون ٿيون. پرڏيهي وزير چيو ته پنهنجي چيني هم منصب وانگ يي سان ملاقات ۾ طئي ٿيو ته افغان صورتحال جي حوالي سان مارچ جي آخري هفتي ۾ ??ين جو دورو ڪندس، افغان معاملي تي حڪمت عملي طئي ڪرڻ جي لاءِ بيجنگ ۾ افغانستان جي سمورن ويجهي پاڙيسري ملڪن جو به اهم اجلاس ٿيندو. شاهه محمود قريشي چيو ته ??ين افغانستان ۾ پاڪستان جي ڪردار کي ساراهيو آهي، ان کانسواءِ چين، پاڪستان ۽ افغانستان جي ٽه ڌريي گروپ کي ٻيهر فعال ڪنداسين. پرڏيهي وزير چيو ته مودي جي حڪومت جي دور ۾ مسلمانن سميت ڀارتي اقليتن تي ظلم ڪيا پيا وڃن، ڀارت ۾ مسلمانن سميت سمورن اقليتن سان ٿيندڙ اڻوڻندڙ سلوڪ تي سخت ڳڻتي آهي، اتي انساني حقن کي پائمال ڪيو پيو وڃي. هن چيو ته والاريل ڪشمير تي ??ين پاڪستان جي موقف جي مڪمل حمايت کي ورجايو آهي، والاريل ڪشمير جي حوالي سان ??ين ۽ پاڪستان جي سوچ ۾ هڪ جهڙائي آهي. هن چيو ته ??ين جي قيادت سان اقتصادي تعاون جي وڌيڪ فروغ بابت تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿي، وزيراعظم عمران خان ??ين جي ناليوارين ٿنڪ ٽينڪس ۾ پاڪستان جي موقف کي اجاگر ڪيو. پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستاني دستي جو اسٽيڊيم اچڻ تي چيني عوام جهڙي طرح استقبال ڪيو ان جو مثال نه ٿو ملي، فيص??و ٿيو آهي ته ڪامياب ??ين جي دوري جي نتيجن کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ فالو اپ مڪينزم بڻايو ويندو.
متعلقہ مضامین
-
Six Pakistani universities ranked among the world top 800
-
Govt all set to increase pension more than pay
-
International oil companies hold Rs 10bn, PAC informed
-
Met Dept forecasts new spell of monsoon rain in different parts of country
-
PIA diverts flight to Manchester to unclog choked toilets
-
FIR against army officials is sealed
-
الیکٹرانک پروب آفیشل انٹرٹینمنٹ ویب سائٹ ڈیجیٹل دور میں تفریح کی نئی جہتیں
-
PS الیکٹرانک آفیشل گیم پلیٹ فارم ویب سائٹ کی خصوصیات اور فوائد
-
Yibang الیکٹرانکس کی سرکاری ڈاؤن لوڈ ویب سائٹ کے بارے میں مکمل معلومات
-
الیکٹرانک انکوائری آفیشل ڈاؤن لوڈ داخلہ کی مکمل گائیڈ
-
کالونج ٹرسٹ بیٹنگ اے پی پی کی خصوصیات اور فوائد
-
ساؤتھ ایسٹ آن لائن بیٹنگ ایپ: ایک معتبر اور جدید پلیٹ فارم