پشاور – 17 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته موجوده حڪومت خيبرپختونخوا ۾ تاريخي ترقياتي منصوبن جو آغاز ڪيو، ضم ٿيل ضلعن جي ترقي حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آ??ي، انهن لاءِ سالياني ترقياتي بجيٽ کي وڌائي هلندڙ س??ل 54 ارب روپيا ڪيو، عالمي سطح تي شين جي قيمتن ۾ اضافي جي ڪري مهانگائي وڌي، حڪومت عام ماڻهو کي مهانگائي جي اثرن کان بچائڻ لاءِ قدم ک??ي رهي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن خيبرپختونخوا سان تعلق رکندڙ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي ميمبرن سان ڳالهائيندي ڪيو جن ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ وفاقي وزير، خيبرپختونخوا جو گورنر ۽ وڏو وزير، صوبائي ڪابينا جا ميمبر ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف جا عهديدار به موجود هئا. وزيراعظم ان موقعي تي ڳالهائيندي چيو ته موجوده حڪومت خيبرپختونخوا ۾ تاريخي منصوبن جو آغاز ڪيو، ضم ٿيل ضلعن جي ترقي حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آ??ي، حڪومت ضم ٿيل ضلعن جي سالياني ترقياتي بجيٽ کي 2018ع جي 24ا رب جي سطح کان وڌائي هلندڙ س??ل 54 ارب روپيا ڪيو، هن چيو ته عالمي سطح تي شين جي قيمتن ۾ اضافي جي ڪري مهانگائي ۾ اضافو ٿيو. حڪومت مهانگائي جي اثرن کي ماڻهن تائين پهچڻ کان روڪڻ لاءِ قدم ک??ي رهي آ??ي، وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۾ سياحت ۾ اضافو ٿيو آ??ي، حڪومت خيبرپختونخوا ۾ سياحتي ماڳن جي نشاندهي ڪري چڪي، جلد سياحتي ماڳن جي ترقي لاءِ منصوبا شروع ڪيا ويندا. هن چيو ته صحت ڪارڊ، ض??ور?? شين تي مستحق خاندانن کي رعايت، تعليمي سهولتن ۾ بهتري حڪومت جي فلاحي رياست جي قيام جي واعدي جي تڪميل جو سنگ ميل آهي. ملاقات ۾ حڪومت صوبي ۾ عوامي ڀلائي جي منصوبن ۽ جاري ترقياتي منصوبن تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي، شرڪت ڪندڙن وزيراعظم کي لاڳاپيل تڪن جي مسئلن کان آگاهه ڪيو ۽ پارٽي جي معاملن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي، بريفنگ دوران وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته خيبرپختونخوا ۾ بجلي جي لوڊشيڊنگ ختم ڪرڻ لاءِ حڪومت تاريخي منصوبو شروع ڪرڻ وڃي رهي آ??ي، 20 ارب جي لاڳت سان منصوبي بجلي جي پهچ واري نظام ۾ جدت ۽ بهتري آڻيندو، صوبائي سطح تي سستي بجلي جي منصوبن ۽ گهٽ اگهن تي آف گرڊ فراهمي لاءِ حڪمت عملي کي حتمي شڪل ڏني وئي آهي. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته پاڪستانت حريڪ انصاف جي گذريل حڪومتي دور وانگر ڏورانهن عائقن ۾ پن بجي جا ننڍا منصوبا شروع ڪيا پيا وڃن، انهن منصوبن سان انهن ڏورانهن علائقن ۾ به سستي بجلي جي فراهمي ممڪن ٿي سگهندي، جتي ٽرانسميشن لائن موجود نه آهن، وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته چشمه رائٽ بئنڪ ڪنال جو منصوبو به حتمي مرحلن ۾ داخل ٿي چڪو آ??ي، منصوبي جي تڪميل سان لکين ايڪڙ زرعي زمين کي پوکي جي قابل بڻائي سگهجي ٿي، بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته رشڪئي صنعتي زون مڪمل طور تي فعال ٿي چڪو آ??ي، حڪومت 6 وڏن صنعتي شعبن ۾ سيڙپڪاري يقيني بڻائڻ لاءِ جامع حڪمت عملي تيار ڪري رهي آ??ي، وزيراعظم کي ٻڌايو ويو آهي ته نوجوانن کي آءِ ٽي شعبي ۾ روزگار جي فراهمي ۽ ملڪي آءِ ٽي برآمدات وڌائڻ لاءِ خيبرپختونخوا ۾ اسپيشل ٽيڪنالاجي زونز جو قيام عمل ۾ آندو پيو وڃي، بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته خيبرپختونخوا ۾ مستحق خاندانن ۾ احساس راشن رعايت پروگرام جي ورهاست جو آغاز ٿي چڪو آ??ي، ڪارڊ تحت خيبرپختونخوا جا مسحتق خاندانن کي هر مهيني ض??ور?? شين تي هڪ هزار روپين تائين جي رعايت ڏني ويندي، وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته ضم ٿيل ضلعن ۾ ترقياتي ڪم تيزي سان جاري آهن، اجلاس کي خيبرپختونخوا ۾ انفراسٽرڪچر جي بهتري لاءِ شروع ڪيل منصوبن ۽ اهم شاهراهن ۽ رابطا رستن جي تعمير تي اڳڀرائي کان به تفصيلي طور تي آگاهه ڪيو ويو، وزيراعظم ترقياتي منصوبن جو مقرر مدي ۾ مڪمل ڪرڻ يقيني بڻائڻ ۽ عوامي ڀلائي جي منصوبن کي ترجيحي بنيادن تي مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي.
متعلقہ مضامین
-
GW لاٹری قابل اعتماد تفریحی ایپ
-
ETPB says operation against land grabbers to continue
-
India swaps pellet guns with chilli shells in IHK
-
PML-Q gears up to join PTIs Nov 2 protest, invites others
-
Butterfly Entertainment کی سرکاری پلیٹ فارم
-
MW الیکٹرانکس کی آفیشل ڈاؤن لوڈ ویب سائٹ: ڈیوائسز کے لیے تازہ ترین سافٹ ویئر اور ڈرائیورز
-
پانچ پوائنٹس ہائی اور لو آفیشل انٹرٹینمنٹ ویب سائٹ کی خصوصیات
-
MT آن لائن آفیشل گیم ڈاؤن لوڈ کرنے کا آسان طریقہ
-
ساؤتھ ویسٹ لاٹری آفیشل گیم ڈاؤن لوڈ کرنے کا آسان طریقہ
-
آن لائن سٹی آفیشل گیم پلیٹ فارم: ایک جدید گیمنگ تجربہ
-
GEM Electronics ایپ گیم ڈاؤن لوڈ کرنے کا طریقہ اور خصوصیات
-
GEM Electronics ایپ گیم ڈاؤن لوڈ: تفصیلات اور فوائد